چنا، عبدالقيوم

چنا، عبدالقيوم

عبدالقيوم چنا

عبدالقيوم چنا: عبدالقيوم چنا ولد خليفو محمد قاسم چنا، 11 نومبر 1910ع ۾ پاٽ شريف لڳ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندن ڏاڏو خليفو صديق محمد چنا، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو خليفو هو ۽ پنهنجي ٽئين حج سفر دوران 1850ع روزميري جهاز جي ٻڏڻ جي ڪري، حج جي واپسيءَ دوران يمن جي بندرگاهه حديده ڀرسان حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. سندس هٿ سان لکيل قرآن شريف اڄ به سندس خاندان وٽ موجود آهي. عبدالقيوم چنا جي ڄمڻ کان ٿورو وقت پوءِ سندس والد ۽ بعد ۾ سندس والده گذاري وئي. پوءِ کيس سندس وڏي ڀاءُ سعدالله ۽ ڀيڻ سليمت خاتون کي سندس مامي پوسٽ ماسٽر عبدالحفيظ چنا پاليو، پوءِ هي جون 1921ع ۾ ٽنڊي باگي لارنس مدرسي ۾، جيڪو مير غلام محمد ٽالپر کوليو هو، اسڪول جو پهريون فري بورڊر هو. ساڻس گڏ محمد حسين ترڪ اسڪول جو اوائلي شاگرد هو. محمد صديق مسافر، عبدالرسول قاضي، ايڇ.ايم خواجه ۽ مدرسي جو باني مير غلام محمد ٽالپر کيس ڀائيندا هئا. هن سنڌ مدرسي مان 1928ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، جيڪو بمبئي يونيورسٽيءَ سان ملحق هو. هو انگريز دؤر کان ئي مختيارڪار ٿي رهيو ۽ ڪنڊياري، شڪارپور، سيوهڻ، ننگرپارڪر، سکر، ڏيپلي ۽ ڇاڇري ۾ مختيارڪار ۽ بٺوري ۾ 1952ع ۾ ريڊنٽ مئجسٽريٽ ٿي رهيو. هن 1956ع ۾ موهن لال پاڪستانيءَ جي مدد ۽ ڪليڪٽر انور عادل جي تعاون سان ننگرپارڪر ۾ پهريون بوائز مڊل اسڪول کولايو. 1961ع ۾ وري ڳڙهي خيري جمالي ۾ گرلز اسڪول، ڪلب ۽ ماڊل اسڪول کولارايائين، جنهن ڪم ۾ مستري محمد حسن چيئرمئن نوٽيفائيڊ ڪميٽي، ماستر رسول بخش گوپانگ، ماستر علي محمد سومري، سيد فقير شاهه ۽ خان بهادر جعفر خان بليديءَ سندس وڏو ساٿ ڏنو، اهو اسڪول اڄ به سندس نالي تي اي.سي (عبدالقيوم) ماڊل هاءِ اسڪول موجود آهي. سندس شادي پاٽ جي معزز استاد خان محمد چنا ۽ جيجي عائشيت خاتون جي نياڻي امرالنساءَ سان ٿي، جنهن مان کيس ڇهن پٽن ۽ چئن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. سندس فرزندن مشتاق چنا ۽ نذير چنا سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. مشتاق چنا فلائيٽ پرسر ٿيو، جيڪو پهريون سنڌي پرسر هو. 1974ع ۾ سندس ڪراچيءَ ۾ شهادت ٿي. عبدالقيوم چنا جو فرزند نذير چنا ادبي ميدان ۾ صوفي تحريڪ ۽ منصور حلاجي تحريڪ کي نروار ڪيو آهي. سندس وڏو فرزند حاجي رشيد احمد چنا مختيارڪار ٿي ريٽائرڊ ٿيو ۽ هڪ پٽ مختيار چنا پي.آءِ. اي ۾ فلائٽ پرسر ٿي رٽائر ٿيو. رئيس غلام مصطفى ڀرگڙي، مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر، سيد غلام حيدر شاهه، پير علي محمد راشدي، اي.ڪي بروهي، حبيب الله ميمڻ، قاضي اسماعيل، محمد اسماعيل نون سندس گهرا دوست هئا، هو ايماندار مئجسٽريٽ ٿي رهيو. صوفي ۽ ادب دوست هو. هن 20 مارچ 1967ع تي بلڊ ڪينسر جي بيماريءَ ۾، ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي ۾ ئي دفن ٿيو.


لفظ عبدالقيوم چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.11.11  عيسوي

عبدالقيوم چنا ولد خليفو محمد قاسم چنا، 11 نومبر 1910ع ۾ پاٽ شريف لڳ ڳوٺ ڪلريءَ ۾ پيدا ٿيو.


1967.03.20  عيسوي

عبدالقيوم چنا 20 مارچ 1967ع تي بلڊ ڪينسر جي بيماريءَ ۾، ڪوٽڙيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي ۾ ئي دفن ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش صدر اوٺو
فضل احمد بچاڻي
الهه بخش محمدي
عبدالملڪ بن مروان
حڪيم محمد سعيد
جوکيو محبوب علي
برڪت علي
خليفو خدابخش سولنگي
مريم مختيار شيخ
ديارام ساهني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون